مارڪيٽ ڪميٽي جي ملي ڀڳت، سبزيون به مهانگيون

مارڪيٽ ڪميٽي جي ملي ڀڳت، سبزيون به مهانگيون

خيرپور ناٿن شاهه (برڪت چانڊيو) شھر ۾ مهانگائي شھرين جون متيون منجهائي ڇڏيون، وفاقي حڪومت پاران واڌو ٽيڪس لڳائڻ جو سبب ڄاڻائي دڪاندارن پاران  هٿرادو اگهه وڌائڻ سبب ڀاڄين ,مڇي ,گوشت ,مرغي سميت سمورين کاڌي پيتي جي شين جا اگهه  آسمان سان ڳالهائڻ لڳا آھن. شھر جي دڪاندارن توڙي ڀاڄين, مرغي, گوشت فروشن پنهنجا هٿرادو اگھ مقرر ڪري غريب ماڻهن کي ٻنهي هٿن سان لٽڻ ۽ ڦرڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي ,جڏهن ته پرائس ڪنٽرول ۽ مارڪيٽ کاتي جا عملدار حصو پتي وٺڻ کانپوءِ دڪاندارن ,سبزي ۽ فروٽ فروشن سان ملي ڀڳت ڪري انهن جي مرضي موجب اگھن جون لسٽون جاري ڪري عوام کي ڦرڻ ۾ وسان ناهي گهٽايو. ٽماٽر200 ,بصر 80 ,ميها 90 ,انگريزي گوار 90 ,سنڌي گوار 100 ,پٽاٽا 80 ,گوبي 100 ,واڱڻ 60 روپيا ,پالڪ60 ,ول توري 80 ,بيهه 150 ,ڌاڻا ساوا 290, مرغي 400, مڇي 450 روپيا  ۽ وڏو گوشت 600 في ڪلو وڪرو ڪيا پيا وڃن. انهي حوالي سان سياسي سماجي اڳواڻن فقير علي حسن جانوري, مولانا انور کوهارو, اعجاز سومرو  ۽ ٻين چيو ته شھر اندر سبزي ,گوشت ,مرغي سميت کاڌي پيتي جون شيون مهانگي اگهن تي ملي رهيون آھن، هنن گهرڪئي آهي ته مهانگائي تي فوري طورڪنٽرول ڪري عوام کي رليف ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو