اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس ۾ ضمانت لاءِ عدالت ۾ پيش ٿيو.عمران خان جي عدالت پهچڻ تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا، جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم ميڊيا جي نمائندن سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي.ان موقعي تي هڪ صحافي عمران خان کان سوال ڪيو ته ڇا لانگ مارچ مارشل لا؟ ان تي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته فضل الرحمان جي لانگ مارچ وقت مارشل لا نه لڳايو ويو هو.صحافي عمران خان کان بار بار سوال ڪيو ته ڇا خان صاحب اسيمبلي ۾ ويندو؟ جنهن تي پي ٽي آءِ چيئرمين جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.










