ماتلي اسپتال تي جج جو ڇاپو، ڊاڪٽرغير حاضر،ڊي ايڇ او طلب

ماتلي (عبدالرزاق پنهور)ماتلي سيشن جج جو ماتلي جي تعلقا اسپتال تي ڇاپو, 12 ڊاڪٽر ڊيوٽي تان غير حاضر ھئڻ تي ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ۽ ڊي ايڇ او بدين کي فون ڪري سڀاڻي 9 بجي ڪورٽ طلب ڪري ورتو آھي, ٻئي طرف سيشن جج جي تعلقا اسپتال پھچڻ تي آيل مريضن جون جج اڳيان دانھون اڻپوريون سھولتون, رت جي ٽيسٽن سميت ماني نه ملڻ جون دانھون سيشن جج ماتلي تعلقا اسپتال جي اسٽور جو ۽ ميل وارڊ جو دورو ڪيو مريضن جي شڪايتن ايم ايس کي ڇنڊ پٽي ۽ اسپتال ۾ صفائي سميت مريضن کي سھولتون ڏيڻ جي ھدايت ڪئي ۽ مريضن کي چيو ته اسپتال اندر ڪابه شڪايت آھي ماتلي ڪورٽ اچن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو