حيدرآباد:(بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو زراعت بابت خاص معاون منظور علي وساڻ چيو آهي ته عمران خان جيڪو پهريان هيو اهو هاڻي ناهي رهيو، جن عمران خان کي آندو اهي به هن مان ڦاسي ويا. مون کي مئي جي آخر ۽ جون جي شروعات ۾ چونڊون ٿيندي نظر اچي رهيون آهن.حيدرآباد ۾ ڪڻڪ جي پيداواري مهم بابت ڪوٺايل سرسبز هاري ڪنوينشن جي تقريب ۾ وڏي وزير جي زراعت بابت خاص معاون منظور علي وساڻ خصوصي مهمان طور شريڪ ٿيو جتي هن ميڊيا سان پڻ ڳالهيون ڪيون.ڪنوينشن جي تقريب ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي منظور وساڻ چيو ته عمران خان جتان آيو هو هاڻ اتي ويندو، ايم ڪيو ايم اسان جي پنهنجي پارٽي آهي انهن سان مختلف معاملن تي هيٺ مٿانهين ٿيندي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ٻوڏ دوران 46 لک ايڪڙن تي ٻڏل فصل کي نقصان پهتو. ڪپهه سئو سيڪڙو ۽ چانور 75 سيڪڙو تباهه ٿيا جڏهن ته ڪمند ۽ ٻين فصلن کي به نقصان پهتو آهي. مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جيئن ماڻهو پنهنجي گهرن ڏانهن وڃن. برسات جي پاڻي ۽ ڊرين جو مسئلو هيو جنهن ڪري پاڻي اڃان تائين بيٺل آهي. سنڌ حڪومت ماڻهن جي جيڪا مدد ڪئي ان ۾ ڪافي مسئلا حل ٿي رهيا آهن. سنڌ حڪومت پاران برسات متاثرين کي 2 ملين ٽينٽ ۽ 3.5 ملين راشن بيگ ڏنا ويا.هارين کي فصل پوکڻ لاءِ آگاهي ڏئي رهيا آهيون جيئن هو ايتري ڪڻڪ پوکين جو ٻاهران نه گهرائڻي پوي. جتي اسان راش نه ڏئي سگهياسين اتي في ايڪڙ 5 هزار روپيه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. منظور وساڻ وڌيڪ چيو ته فرٽيلائيزر ۾ ملاوٽ جون شڪايتون اچي رهيون آهن. جيڪڏهن ڀاڻ ۽ دوائن ۾ ملاوٽ هوندي ته فصل ڪيئن ٿيندو. 5 هزار في ايڪڙ صرف ٻج جي مد ۾ ڏئي رهيا آهيون.










