لڳي ٿو نواز شريف جي واپسي خطري ۾ پئجي وئي آهي:مندو خيل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوان عبدالقادر مندو خيل چيو آهي ته نواز شريف جو بيان ٻڌي ن ليگ وارن جا هوش خطا ٿي ويا آهن. لڳي ٿو انهن جي واپسي خطري ۾ پئجي وئي آهي. عدالقادر مندو خيل هڪ انٽريو ۾ چيو ته شهباز شريف پاڪستان آيو ته ۽ 24 ڪلاڪن کان پوءِ ئي واپس لنڊ هليو ويو. عبدالقادر چيو ته نگران حڪومت جي شڪل ۾ اسان کي ن ليگ جي حڪومت ئي نظر اچي رهي آهي. شهباز شريف جو پرنسپل سيڪريٽري ۽ بيورو ڪريسي جو مک توقير شاهه ن ليگ، فواد حسن، فدا جو تعلق ن ليگ سان آهي. هن چيو ته ڌر بڻيل نگران حڪومت آهي ته ايتري ۾ سڀني کي ليول پلينگ فيلڊ ڪيئن ملندي. پ پ اڳواڻ چيو ته جڏهن خيبرپختون خواهه نگران حڪومت تي اعتراض ٿيو ته اليڪشن ڪميشن فوري نوٽيس ورتو. هاڻي وفاق ۾ نگران حڪومت بابت اليڪشن ڪميشن ڪٿي ستل آهي ۽ ڪنهن کي بيوقوف بڻائي رهي آهي. ڪي پي ڪي جي نگران ڪابينا کي فارغ ڪيو ويو ته وفاق نوٽيس ڇو نه ورتو.هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جنوري ۾ اليڪشن جو اعلان ڪيو. ڇا ان کي ناهي پتو ته هن مهيني ۾ سخت پارا پوندا، هن چيو ته سخت پارا پوندا. هن چيو ته آئين مطابق نوي ڏينهن ۾ اليڪشن ڪرڻ جو حڪم ڪيڏانهن ويو. اليڪشن ڪميشن ٽرڪ جي بتي جي پوٺيان ڪنهن کي لڳائي رهيو آهي. ڪنهن لاءِ ليول پلينگ فيلڊ ٺاهي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو