لڪي مروت ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ، 6 ڄڻا مارجي ويا

لڪي مروت: (ويب ڊيسڪ) لکي مروت ۾ شادي جي تقريب ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ سبب 6 ڄڻا مارجي ويا آهن.پوليس موجب لکي مروت جي علائقي غزني خيل ۾ شادي جي تقريب ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو جتي خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون. مخالفن جي حملي دوران انڌاڌنڌ فائرنگ سبب ٻارن سميت 6 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 7 زخمين کي ويجهين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو.ٻڌايو پيو وڃي ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ پراڻي دشمني هئي جڏهن ته فائرنگ دوران مارجي ويلن ۾ 2 واٽهڙو به شامل آهن.پوليس موجب مارجي ويلن ۽ زخمين جو تعلق ڳوٺ غزني خيل سان آهي حملو ڪندڙن سان مقتولن جي پراڻي دشمني هئي. افسوسناڪ واقعي کان پوءِ اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو