ڪشمور(جي ايم کوسو) ڊي ايس پي ڪشمور لال بخش ڏهر ڪشمور ٿاڻي تي پريس ڪانفرنس ڪندي لکي غلام شاھ جي رهواسي ٻن ڄڻن کي ڦر ٿيل سامان ۽ هٿيارن سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوي’ ڪئي آهي. ڊي ايس پي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ايس ايڇ او ڪشمور جي اڳواڻي ۾ پوليس پارٽي سردارو روڊ تي چيڪنگ دوران هڪ چنگچي رڪشا تي سوئي ويندڙ ٻن ڄڻن تيمور ۽ گلاب بروهي کي ٻن ٽي ٽي پسٽل ۽ ڦر ڪيل موبل آئل جي چئن جهرين سميت گرفتار ڪري ورتو، ڊي ايس پي وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار ڪيل جوابدارن پڇا ڳاڇا دوران ٻڌايو آهي ته هو مختلف شهرن ۾ وڃي ٽرڪن ۽ ٽرالرن مان سامان ڦر ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ وڪرو ڪندا آهن اڄ ڦر ڪيل موبل آئل سوئي ۾ وڪرو ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته ڪشمور پوليس کين گرفتار ڪري ورتو.










