لکي لڳ حادثو ماتم تان موٽندڙ 2 فوت ٻارڙن سمت 6 ڄڻا زخمي

شڪارپور (عبدالخالق سومرو) لکي غلام شاهه ٿاڻي جي حد سکر شڪارپور روڊ شير ڪوٽ شاخ وٽ ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ڪار کاهي ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي موٽر سائيڪل سوار شڪارپور واسي 2 ڄڻا 25 ورهين جو عقيل پٽ ربڏنو چانڊيو ۽ 14 ورهين جو مزمل پٽ امداد چانڊيو موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏھن ته ا عزاز پٽ آدم حسين، يوسف پٽ امداد زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته ڪار ۾ سوار زخمي ٿيلن ۾ مسمات حاجل زال محمد علي، ميمونه ڌيءَ ظفر علي، فهد پٽ امتياز، ارشاد پٽ محمد امين شامل آهن، زخمين کي فوري طور سکر اسپتال ريفر ڪيو ويو، جڏهن ته فوتين جا مڙهه لکي غلام شاھ اسپتال پهچايا ويا، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته موٽر سائيڪل سوار  روهڙي ماتم تي ويل هئا جن سان واپسي تي حادثو پيش آيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو