سڪرنڊ (راج ڪمار اوڏ) ٿر مان سڪرنڊ مزدوريءَ لاءِ ايندڙ ڀيل برادري جي خاندان جي ڳورهاري عورت مسمات مينا زال مکڻ پورا مهينا ٿيڻ بعد تعلقه اسپتال سڪرنڊ ويم ڪرائڻ لاءِ پهتي ته ڊيوٽيءَ تي مقرر گائني جي ڊاڪٽرياڻي سندس چيڪ اپ بنا کيس ٽي ڏينهن اڃا ليٽ جو چئي واپس ڪري ڇڏيو. مسمات مينا ڀيل ويم جي سور جون رڙيون ڪندي جيئن ئي اسپتال ۾ ڊاڪٽرياڻي جي ڪمري مان ٻاهر نڪتي ته اسپتال جي اندر ئي وارڊ واري گهٽيءَ ۾ مينا کي هلندي هلندي ٻار جو ويم ٿي پيو ۽ هن پُٽ کي جنم ڏنو ساڻس گڏ آيل سندس پڦي رحمت تڪڙو کيس فرش تي ليٽائي آسي پاسي کان پنهنجا روا لاهي پردو ڪيو ۽ ٻار ڄڻايو. رش ۽ رڙين بعد اسپتال جي ويم گهر جي ماسي گهٽيءَ ۾ ويم واري جڳھ تي پهتي جنهن مسمات مينا کي کڻي اسپتال جي بيڊ تي پهچايو. واقعي تي ڀيل برادري پاران احتجاج ڪيو ويو ته ڇا اسين انسان ناهيون جو ههڙو ظلم ڪيو ٿو وڃي ٻئي پاسي ويم گهر جي ماسي ميڊيا کي ٻڌايو ته ڳورهاري عورت ۾ ڊاڪٽرياڻي جي بقول اڃا ٽي ڏينهن ليٽ ھئي پر قدرت جو حڪم ڪنهن وقت به ٿي سگهي ٿو هوڏانهن بار بار رابطي ڪرڻ باوجود ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽرياڻي ميڊيا سان ملڻ يا ڳالهائڻ کان اهو چئي انڪار ڪيو ته هُوءَ ليبر روم ۾ ڊليورين ۾ مصروف آهي










