لينڊ سلائيڊنگ سبب اٽلي جو سياحتي ٻيٽ اسچيا تباهه

روم(ويب ڊيسڪ) اٽلي جي ٻيٽ اسڪيا ۾ تيز برساتن سبب لينڊ سلائيڊنگ تباهي مچائي ڇڏي آهي.پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب برسات سبب مٽيءَ جا ٽڪرا مٽيءَ جي سيلاب ۾ تبديل ٿي ويا، جنهن نه رڳو وڻ ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا پر گهرن کي به نقصان پهچايو ۽ گاڏيون به سمنڊ ۾ ڪري ڇڏيون.جڏهن ته ٻڌايو پيو وڃي ته لينڊ سلائيڊنگ ۾ هينئر تائين ڪنهن به جاني نقصان جي تصديق نه ٿي آهي. رپورٽن مطابق خراب موسم سبب درجنين گهرن جا بجلي بند ٿي ويا آهن، جنهن سبب بچاءُ وارو عمل پڻ ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو