ليسڪو پاران بجلي چوري روڪڻ لاءِ سمارٽ ميٽر لڳائڻ جو فيصلو

ليسڪو پاران بجلي چوري روڪڻ لاءِ سمارٽ ميٽر لڳائڻ جو فيصلو

لاهور(ويب ڊيسڪ) ليسڪو بورڊ بجلي چوري روڪڻ لاءِ سمارٽ ميٽرن جي منظوري ڏئي ڇڏي.ليسڪو عملدارن موجب سمارٽ ميٽرن جي خريداري تي 8 ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا ۽ سمارٽ ميٽرن سان ٽيڪنيڪل نقصانن ۾ به گهٽتائي ايندي.ليسڪو عملدارن جو چوڻ آهي ته سمارٽ ميٽرز لڳائڻ سان 5 سالن ۾ 5 ارب رپيا بچندا. سمارٽ ميٽرز 20 سالن تائين ڪارآمد هوندا جڏهن ته ميٽرن جي ريڊنگ ۾ ڪا به ڦير ڦار نه ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو