لياقت جتوئي جو پي ٽي آءِ ڇڏڻ ۽ جي ڊي اي شامل ٿيڻ جو فيصلو

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير لياقت جتوئي تحريڪ انصاف ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ان حوالي سان سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير لياقت جتوئي چيو آهي ته مان ايندڙ عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي حصو نه وٺندس. هن چيو ته پير پاڳاري ۽ ارباب غلام رحيم سان رابطي ۾ آهيان، ارباب غلام رحيم سان پراڻا لاڳاپا آهن. ٻئي طرف ذريعن وٽان وڌيڪ خبر پئي آهي ته لياقت جتوئي پي ٽي آءِ ڇڏي جي ڊي اي ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب 9 ڊسمبر تي دادو ۾ جي ڊي اي پاران ڪوٺايل جلسي ۾ لياقت جتوئي جي ڊي اي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪندو. سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير لياقت جتوئي پاران اهڙي فيصلي کان پوءِ ٻيتو جتوئي ۾ هم خيال دوستن جو اهم اجلاس پڻ سڏائي ورتو آهي. جنهن ۾ مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويندو.هوڏانهن سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر مظفر علي شجره به(ن) ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ ڪابينه جو ميمبر رهندڙ مظفر علي شجره پاڪستان مسلم ليگ(ن) سنڌ جي صدر بشير ميمڻ سان ملاقات ڪئي جنهن کان پوءِ هن نوازشريف جي قيادت تي ڀروسي جو اظهار ڪندي باقاعده پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي. ان موقعي تي بشير ميمڻ چيو ته مظفر علي شجره جي پارٽي ۾ شموليت جي آجيان ڪريون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو