لوڪ گيتن جي راڻي زيب النساءَ لاڏاڻو ڪري وئي

نوابشاهه (اي ڪي ڏاهري) لوڪ گيتن جي راڻي زيب النساءَ ڪافي عرصو بيمار رهڻ بعد نوابشاهه ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. مرحومه کي جمعي جي نماز کانپوءِ حاجي نصير قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. مرحومه گلوڪاره زيب النساءَ پونئيرن ۾ 5 ڌيئرون ۽ 2 ٻٽ سوڳوار ڇڏيا آهن. گيتن جي راڻي زيب النساءَ استاد محمد جمن جي شاگردياڻي هئي هُن نوابشاهه ۾ جنم ورتو ڏهين جماعت تائين تعليم پرائڻ کانپوءِ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پنهنجي قسمت آزمائي جنهن جو آڊيشن ان وقت جي ايم بي انصاري ورتو هو ان بعد زيب النساءَ استاد محمد جمن جي سکيا هيٺ ريڊيو پاڪستان تي ڪيترائي ڪلام رڪارڊ ڪرايا جن ۾ سڀ کان مشهور ڪلام ”ساڍا من وي“ جي مشهور ٿيڻ کانپوءِ مرحومه زيب النساءَ کي تمام گهڻي شهرت ملي. مرحومه گلوڪارا زيب النساءَ ريڊيو تي جيجي زرينا بلوچ، امينه بي بي ۽ ٻين سان گڏجي ڪورس ۾ سهرا به ڳايا، جڏهن ته مشهور ڪلامن ۾ ”منهنجا پنهل وٺي ويا پاڻ سان“، ”ڏاڍن ڏيرن سان“، ”منهنجا قلندر لال مان پانڌياڻي آهيان“، ان کانسواءِ استاد محمد جمن سان گڏ ڊوئيٽ ۾ جيڪي ڪلام ڳايا انهن پيچ پنهل مونسان پائي هليو ويو ۽ ٻيا شامل آهن. جڏهن ته گلوڪاره ثمينه ڪنول مرحومه گلوڪاره زيب النساءَ جي ڌي ۽ شاگردياڻي هُئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو