لسبيلا ضلعي ۾ ميونسپل اليڪشن 28 آگسٽ تي ٿيندي

لسبيلا ضلعي ۾ ميونسپل اليڪشن 28 آگسٽ تي ٿيندي

اسلام آباد (بيورو)اليڪشن ڪميشن بلوچستان جي ضلعي لسبيلا ۾ 28 آگسٽ تي مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. رپورٽن مطابق ميونسپل ڪميٽي ژوب جي سمورن وارڊن ۾ 28 آگسٽ تي چونڊون ٿينديون.موسيٰ خيل، مستونگ، جعفرآباد ۽ دکي جي مختلف يونين ڪائونسلن ۾ به پولنگ 28 آگسٽ تي ٿيندي.اليڪشن ڪميشن موجب نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 18 جولاءِ آهي. واضح رهي ته پهرين مرحلي ۾ بلوچستان جي 32 ضلعن ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ آزاد اميدوارن وچ ۾ مقابلو ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو