لاڳاپيل ڪاليجن جي مد ۾ اضافي فيسوٺڻ بند ڪريو، گلاب

حيدرآباد (پ.ر) سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر پرديپ گلاب، غلام علي زنئور، اياز صالح، حميد تنيو، علي رضا جلباڻي ۽ وحيد مهر پنهنجي جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾ سنڌ يونيورسٽي رجسٽرار طرفان افيليٽيڊ ڪاليج جي شاگردن کان يونيورسٽي سان ايفيليئشن جي اضافي فيس اوڳاڙڻ واري نوٽيس کي سنڌ جي تعليم تي حملو قرار ڏيندي چيو آهي ته موجوده سنڌ سرڪار تعليم کي باقائده ڪاروبار جو ذريعو بنائي ڇڏيو آهي جنهن وسيلي اعلي تعليمي ادارن تي قابض ڌريون لينڊ ڪروزر جون مالڪ بنجي ويون آهن پر شاگرد اهڙين پاليسين سببان روز ڏتڙيل ٿيندو پيو وڃي. سنڌي شاگرد تحريڪ سنڌ يونيورسٽي انتظاميا جي اهڙي عمل جي مذمت ٿي ڪري ۽ مطالبو ٿو ڪجي ته سنڌ يونيورسٽي پاران لاڳاپيل ڪاليجن جي شاگردن کان افيليئشن جي اضافي فيس اوڳاڙڻ جو نوٽيس فورن واپس ورتو وڃي ۽ مختلف اڪيڊمڪ سببن ۽ سرٽيفڪيٽس جون فيسون وڌائڻ وارو فيصلو به واپس وٺي شاگردن اندر بيچيني ختم ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو