لاهور ۾ 9 ورهين جي گهريلو ملازمه سڙي فوت

لاهور )ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ 9 ورهين جي گهريلو ملازمه سڙي فوت ٿي وئي. اهو واقعو لاهور جي علائقي ملت پارڪ ۾ پيش آيو، جتي 9 ورهين جي ٻارڙي سڙي فوت ٿي وئي.پوليس موجب واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس گهر واري کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته موت جون اصل حقيقتون پوسٽ مارٽم کانپوءِ سامهون اينديون، جڏهن ته جوابدار جو بيان آهي ته ڇوڪري ڪچن ۾ سلينڊر ڦاٽڻ سبب سڙي.

پهنجو تبصرو موڪليو