پوليس مقابلو، هڪ اهلڪار شهيد، هڪ جوابدار مارجي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي علائقي نواب ٽائون ۾ پوليس مقابلو ٿيو، جنهن ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد جڏهن ته هڪ جوابدار مارجي ويو.پوليس موجب نواب ٽائون پوليس مقابلي ۾ 1 پوليس اهلڪار پڻ زخمي ٿي پيو، جنهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن پوليس پارٽي کي ڏسندي ئي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ اهلڪار خليل احمد شهيد ۽ ايلٽ فورس جو سپاهي عبدالغفور زخمي ٿي پيا.مارجي ويل جوابدار جي سڃاڻپ فيصل طور ٿي آهي، جڏهن ته هڪ جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويو آهي.پوليس موجب شهيد ٿيل ڪانسٽيبل خليل جو تعلق عارفوالا پوليس سان هو، پوليس ٿاڻي صدر عارف والا جي پوليس چورن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا هئا.پوليس جو چوڻ آهي ته پوليس پارٽي لاهور کان آئل ٽينڪر کي ڦر ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وئي هئي.ڊي پي او شهيد اهلڪار کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پوليس اهلڪار پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي فرض نڀايو.ٻئي طرف پوليس اهلڪار جي شهادت تي آءِ جي پنجاب ڊي آءِ جي آپريشنز کي جوابدارن جي گرفتاري جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو.ان حوالي سان آءِ جي پنجاب جو چوڻ آهي ته پوليس کاتو پنهنجي بهادر پٽ جي لازوال قربانين کي وساري نه سگهندو.آءِ جي پنجاب زخمي اهلڪار اي ايس آءِ عبدالغفور جي بهترين نگهداشت جي به هدايت ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو