لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي علائقي شاهددرا ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مبينا مقابلو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ مطلوب ڏوهاري مارجي ويو، جڏهن ته 2 ڌاڙيل فرار ٿي ويا.بادامي باغ ۾ به مبينا پوليس مقابلي ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويو.پوليس موجب جوابدارن شهري کان موٽرسائيڪل چوري ڪئي هئي، جڏهن کين روڪيو ويو ته جوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني.فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڌاڙيل پنهنجي ساٿي جي گولين لڳڻ سبب مارجي ويو، مارجي ويل ڏوهاري قتل، ڦر سميت ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل هو.
