جنرل ضياءَ سبب پنجاب تي مڙهيل ماڻهن کي گهر ۾ گهڙي مارينداسين

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته لاهور ڪنهن ڪاروباري يا رانديگر جو نه صرف ذوالفقار علي ڀٽو جو شهر آهي.لاهور جي علائقي ٽائون شپ ۾ ورڪر ڪنوينشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته مون کي پنهنجي شهر لاهور ۾ اچي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي ته مان پنهنجي شهر لاهور مان چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهيان.هن چيو ته اسان کي نه ڪنهن پٽواري جي ضرورت آهي نه ئي ڪنهن ٻئي جي. مون کي صرف عوام جو ساٿ گهرجي. هي اسان کان پڇن ٿا ته اوهان هتي ڇو آيا آهيو؟ هي پاڻ جنرل ضياءَ جي ڪري لاهور تي مڙهيا ويا. اسان هن شهر ۾ سياست صرف پ پ جي جيالن جي ڪري ڪري رهيا آهيون.بلاول ڀٽو چيو ته اسان جو مقابلو مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت سان آهي عوام جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رهندي. لاهور ۾ وڏيون اسپتالون ٺاهينداسين ته جيئن ڪنهن کي به علاج جي لاءِ ٻاهر نه وڃڻو پوي. ڪچين آبادين کي مالڪاڻا حق ڏينداسين.اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته ورهاست ۽ نفرت جي سياست کي ختم ڪنداسين پنجاب جي هر ضلعي ۾ مفت علاج جا ادارا ٺاهينداسين عوام کي گهرن جي فراهمي اسان جي اولين ترجيح آهي. 300 يونٽ تائين بجلي مفت ڏينداسين پگهار ڊبل ڪنداسين.هن چيو ته اسان مزدورن ۽ هارين کي ڪارڊز ڏينداسين بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ اضافو ڪرڻو آهي. رب پاڪ موقعو ڏنو ته 30 لک پاڪستانين کي پڪا گهر ٺاهي ڏينداسين. مشڪل معاشي حالتن ۾ اسان کي بک کي ختم ڪرڻو آهي. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته نفرت جي سياست کان علاوه هڪ ئي آپشن آهي ۽ اهو پيپلز پارٽي آهي.جنهن کان پوءِ هڪ ٻئي ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته ڪارڪن ملي جدوجهد ڪندا ته اسان لاهور پاڪستان جي قسمت تبديل ڪنداسين ڇا هن ملڪ جي قسمت ۾ لکيل آهي ته اسان کي هڪ ئي ماڻهو کي وزيراعظم بنائڻو آهي.هن وڌيڪ چيو ته 8 فيبروري تي عوام تير تي ٺپو هڻي نوجوان قيادتن کي اڳيان آڻي. پ پ جي منشور ۾ سمورن مسئلن جو حل آهي. اوهان سڀ منهنجا سفير بڻجي گهر گهر وڃو. جڏهن اوهان سڀ گهر گهر وڃي عوام کي ٻڌائيندو ته پ پ جي حڪومت هوندي ته غربت جو خاتمو ٿيندو ۽ روزگار ملندو. انشاءَالله اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن ملڪ جي عوام جي قسمت تبديل ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو