پنجاب ۾ برسات، بجلي بند، شهري زندگي مفلوج

پنجاب ۾ برسات، بجلي بند، شهري زندگي مفلوج

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ اڄ صبح کان جاري مسلسل مينهن تباهي مچائي ڇڏي آهي. مينهن سبب هيٺاهين وارن علائقن ۾ ڪيترائي فوٽ پاڻي جمع ٿي ويو آهي ۽ ڪيتريون ئي گاڏيون ۽ موٽر سائيڪلون پاڻي ۾ ٻڏي ويون آهن. لاهور ۾ هاڻي تائين 178 ملي ميٽر مينهن رڪارڊ ڪيو ويو آهي. لاهور، اوڪاڙه ۽ شيخوپوره ۾ ڇتون ۽ ڀتيون ڪرڻ سبب ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا آهن.ايم ڊي واسا غفران احمد برسات دوران ڪيترن ئي هيٺاهين وارن علائقن جو دورو ڪيو ۽ واسا عملي کي هدايت ڪئي ته جلد کان جلد سڀئي مکيه شاهراهون صاف ڪيون وڃن.ليسڪو عملدارن موجب، برسات سبب 142 ليسڪو فيڊرز مان بجلي جي فراهمي متاثر ٿي آهي.سي اي او ليسڪو جو چوڻ آهي ته متاثر فيڊرز مان بجلي بحال ڪرڻ جو ڪم برسات بند ٿيندي ئي شروع ٿي ويندو، هن شهرين کي بجلي جي پولن ۽ ٻين تنصيبات کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.ٻئي طرف، پي ڊي ايم اي پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ برسات کي نظر ۾ رکندي الرٽ جاري ڪيو آهي.ڊي جي پي ڊي ايم اي موجب، پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ 13 جولاءِ تائين مون سون جي برسات جاري رهڻ جو امڪان آهي.ڊي جي پي ڊي ايم اي لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي آهي ته برساتن سبب پيدا ٿيندڙ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ الرٽ رهن.هن چيو ته ريسڪيو 1122 ۽ واسا ۽ ٻيا ادارا پنهنجي مشينري ۽ عملي کي الرٽ رکن ۽ يقيني بڻائين ته جلد کان جلد هيٺاهين وارن علائقن مان پاڻي نيڪال ڪيو وڃي.ان کان علاوه، شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته مٽيءَ جي گهرن ۽ خستہ حال عمارتن کان پري رهن.پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته لاهور ۾ 6 ڪلاڪن کان مسلسل برسات ٿي رهي آهي، واسا ۽ ضلعي انتظاميا جون سڀئي ٽيمون ميدان ۾ موجود آهن. عظميٰ بخاري چيو ته لاهور ۾ سڀئي انڊر پاس صاف آهن، ڪجهه هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي جي نيڪال جو ڪم جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو