لاهور باهه لڳڻ سبب 4 ٻارڙا سڙي فوت

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي علائقي بابا اعظم چوڪ ۾ باهه لڳڻ سبب 4 ٻارڙا سڙي فوت ٿي ويا.پوليس موجب بدقسمت خاندان چوٿين ماڙ تي ننڍي ڪرائي جي گهر ۾ رهندو هو، فوت ٿيل ٻارن جو پيءُ نانڪ آهي جيڪو صبح جو ڪم تي روانو ٿيو هو.پوليس جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل ٻارڙن جي ماءُ ماڻهن جي گهرن ۾ ڪم ڪندي آهي، ڪمري ۾ گئس سلينڊر جو اسٽو هو جنهن کي باهه لڳي وئي.پوليس موجب باهه تيزي سان ڪمري ۾ موجود هر شيءِ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو ۽ 4 ٻارڙا موقعي تي ئي سڙي فوت ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو