لاهور،گهر ۾ باهه لڳڻ سبب 3 ڄڻا سڙي فوت

لاهور(ويب ڊيسڪ) گهر ۾ باهه لڳڻ سبب 3 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا.پوليس موجب واقعو لاهور جي علائقي چوهنگ ۾ پيش آيو، جتي اوچتو گهر ۾ باهه لڳي وئي.پوليس جو چوڻ آهي ته باهه فوري طور تي گهر کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ فائر برگيڊ جون گاڏيون موقعي تي پهچي ويون.فائر برگيڊ عملي پهچي باهه تي ضابطو آندو ۽ گهر مان 3 ڄڻن جا سڙيل لاش ڪڍيا.پوليس موجب سڙي فوت ٿيلن ۾ 2 عورتون ۽ هڪ مرد شامل آهن، جن کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته گهر ۾ باهه لڳڻ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو