لانگ مارچ ڪيس  پي ٽي آءِ اڳواڻن  جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

لانگ مارچ ڪيس پي ٽي آءِ اڳواڻن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

اسلام آباد(بيورو)اسلام آباد جي مقامي عدالت لانگ مارچ دوران هنگامن جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي 38 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي عبوري ضمانت ۾ 20 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي آھي شاهه محمود قريشي، اسد عمر، شيخ رشيد، فواد چوڌري، زرتاج گُل ۽ شيرين مزاري سوڌو ٻين اڳواڻن جي عبوري ضمانت منظور ڪئي وئي آھي پراسيڪيوٽر کي عدالتي ڪمري ۾ ئي سڀني کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئيوئي، ضمانت درخواستن تي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جا اڳواڻ مقامي عدالت ۾ پيش ٿيا اسلام آباد پوليس پاران لانگ مارچ دوران ھنگامن جو ڪيس داخل ڪيو ويو ھو، پوليس پاران سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ پڻ پيش ڪئي وئي ھئي جنھن ۾ عمران خان کي ھنگامن جو ذميوار قرار ڏنو ويو ھو

پهنجو تبصرو موڪليو