لانس نائيڪ محفوظ جي يومِ شهادت جي حوالي سان تقريب

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)نشان حيدر ايوارڊ حاصل ڪندڙ لانس نائيڪ محمد محفوظ شهيد جي 52هين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي.ان سلسلي ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ميجر ابوبڪر شهباز شهيدن جي يادگار تي فاتحه خواني ڪئي ۽ گلن جي چادر چاڙهي.ياد رهي ته لانس نائيڪ محمد محفوظ شهيد جو تعلق پاڪ فوج جي 15 پنجاب رجمينٽ سان هو، 1971ع جي جنگ دوران سندس رجمينٽ واگها اٽاري سيڪٽر تي پوسٽ ڪئي وئي هئي.ان جنگ دوران واهگه جي اٽاري سيڪٽر تي ڀارتي فوج جي گولا باريءَ ۾ زخمي ٿيڻ جي باوجود هو دشمن جي بنڪر ۾ داخل ٿيو ۽ ڀارتي سپاهي کي شهيد ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو