لائبريري جو افتتاح، پروفيسر مٺل جسڪاڻي جي نالي سان منسوب

لائبريري جو افتتاح، پروفيسر مٺل جسڪاڻي جي نالي سان منسوب

ٽنڊومحمدخان (ن س) ٽنڊومحمدخان جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪريم آباد ۾ پروفيسر مٺل جسڪاڻي جي نالي سان منسوب هڪ لائبريري جو افتتاح ٿي گذريو لائبريري جو افتتاح پروفيسر مٺل جسڪاڻي ، ڊاڪٽر اظهار جسڪاڻي ، علي جسڪاڻي ، پ ٽ الف اڳواڻ حاجي شفيع محمد سٺيو ڪيو ان موقعي تي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪريم آباد ۾ هڪ پروقار تقريب ڪوٺائي وئي تقريب کي خطاب ڪندي پروفيسر مٺل جسڪاڻي ، ڊسٽرڪٽ ايجويڪشن آفيسر عبدالوهاب نظاماڻي ، پ ٽ الف اڳواڻ حاجي شفيع محمد سٺيو ، آپڪا ضلعي صدر منير احمد ڀٽي ، سنڌي ادبي سنگت مرڪزي اڳواڻ اعظم ڀٽي ، سنڌي ادبي سنگت اڳواڻ پير آغا جان آغا ، سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر چمن لال جيواڻي ، سنڌ آبادگار چيمبرس جي مرڪزي اڳواڻ نبي بخش سٺيو ۽ ٻين چيو ته لائبريري جو اصل مقصد، معلومات، ڄاڻ، علم ۽ شعور کي پکيڙڻ آهي. لائبريري جو مقصد علم جي روشني سان جهالت جي انڌيري کي ختم ڪرڻ آهي. لائبريرين سان اسان جي نوجوان نسل لاڀ حاصل ڪري سگهي ٿي سموري دنيا ۾ لائبريريون قائم ڪري علم جي روشني پکيڙجي ويندي آهي اسان جي نوجوان نسل ۾ ڪتابن سان لڳاء گهٽجي رهيو آهي لائبريرين سان لاڀ حاصل ڪري اسين پنهنجي علم ۾ اضافو ڪري سگهون ٿا شاگردن توڙي هر طبقي جي ماڻهن کي ڪتابن سان چاهه رکڻ گهرجي ڪتاب پڙھڻ سان علم ۾ واڌ ٿئي ٿي جيڪي ماڻهو ڪتاب پڙھن ٿا سي فائدو حاصل ڪن ٿا پر ھر ماڻهو مطالعو نٿو ڪري. ھڪ ته اسان وٽ مطالعي وارو ماحول ميسر ڪونهي، ٻيو ته ادبي ميڙاڪا يا گڏجاڻيون نه ھئڻ جي برابر آھن، ٽيون ته اسان جو نئون نسل ته رڳو سوشل ميڊيا تائين محدود آھي پر مطالعو به تڏهن ممڪن آھي جڏهن لائبريريون ھجن هنن چيو ته دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ تعليم کي ايتري ته اھميت حاصل آھي جو ھر عوامي جاءِ تي پبلڪ لائبريريون قائم ٿيل آھن، بس اسٽينڊ، پارڪن، ريلوي اسٽيشنن ۽ اسپتالن سميت ھر جاءِ تي لائبريريون آھن،بدقسمتيءَ سان اسين لائبريرين کان محروم آهيون. ھن مھانگائيءَ جي دور ۾ جتي ھر شيءِ جو اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رھيو آھي اتي ڪتابن جون قيمتون پڻ وڌي ويون آھن اھڙا ڪيترائي ڪتاب آھن جيڪي مھانگا آھن ۽ ڪارائتا به آھن پر ڪو غريب ماڻهو ڪتاب پڙھڻ چاھي ۽ مھانگي ھجڻ سبب خريد نه ڪري سگهي ته اھو لائبريري ۾ وڃي ڪتاب پڙھي سگهي ٿو، اھڙا ڪيترائي شاگرد جيڪي ڪتابن جو خرچ افورڊ نٿا ڪري سگهن انھن لاءِ لائبريري ضروري آھي. ان موقعي تي اسڪول جو هيڊ ماستر عارف قريشي ، شاهنواز مهر ،تاج رونجهو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو