دادو(ن سنڌيار) دادو ۾ 10 کان وڌيڪ قومپرست پارٽين جي ڪارڪنن بنيادي ميمبر شپ تان استعيفيٰ’ ڏئي قومي ڌارا ۾ شامل ٿي ويا قومپرست ڪارڪنن ذوالفقار جتوئي،نثار چانڊيو،احسان کوکر،گھرام چانڊيو،ضمير کوکر، علي محمد،غوث بخش،نصراللہ ۽ ٻين پريس ڪلب دادو ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي،اسان کي قومپرستي ۽ حقن جي نالي تي ورگلائي ملڪ خلاف استعمال ڪيو ويو جڏهن ته انهن پارٽين جا سربراه پرڏيهه ۾ ويهي مزا حاصل ڪري رهيا آهن، انهن جو اولاد پرڏيهه ۾ تعليم حاصل ڪري پيو قومپرست پاران سادن ماڻهن کي ملڪ دشمني لاء استعمال ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته بي بنياد پروپيگنڊا ڪري نوجوانن کي غلط رستي تي لڳايو ويو آهي انهن تنظيمن مان اسان کي وقت جي زيان ۽ شرمندگي کانسواء ڪجهه نه مليو آهي










