ڊيره غازي خان: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر زرتاج گل کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ سامهون اچي وئي آهي.زرتاج گل جي وڪيل فدا حسين طرفان چيو ويو آهي ته زرتاج گل کي گذريل شام ان جي رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو ويو. زرتاج گل کي ٿري ايم پي او جي تحت سينٽرل جيل ڊي جي خان منتقل ڪيو ويو آهي.










