اين اي 148 ملتان ۾ ضمني چونڊ لاءِ پولنگ عمل ختم،ڳڻپ جاري

ملتان: (ويب ڊيسڪ) ملتان مان قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 148 ۾ ضمني چونڊ جي لاءِ سمورين پولنگ اسٽيشنن تي پولنگ جاري آهي جيڪا شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندي.تڪ اين اي 148 ملتان ۾ 9 اميدوار چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. پ پ جي اميدوار علي قاسم گيلاني ۽ سني اتحاد ڪونسل جي اميدوار تيمور مهي وچ ۾ سخت مقابلي جو امڪان آهي.اليڪشن ڪميشن موجب ضمني چونڊ جي لاءِ 275 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن جنهن مان 69 پولنگ اسٽيشنن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي، 4 لک 44 هزار 231 ووٽرز پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا.حساس پولنگ اسٽيشنن تي پاڪ فوج ۽ رينجرز جا جوان گشت تي مقرر رهندا. حساس پولنگ اسٽيشنن تي سي سي ٽي وي ڪيمرا به لڳايا ويا آهن جڏهن ته انٽري تي واڪ ٿرو گيٽس به لڳايا ويا آهن. پوليس جا 3000 اهلڪار ۽ آفيسر ضمني چونڊن ۾ ڊيوٽي ڏئي رهيا آهن.صوبائي اليڪشن ڪميشن پنجاب موجب پولنگ اسٽيشنن تي سيڪيورٽي جي فول پروف انتظامن کي يقيني بنايو ويو آهي ان ڪري ووٽرز بنا ڪنهن خوف جي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ جي لاءِ پولنگ اسٽيشنن تي اچن.ماضي ۾ انهي تڪ مان يوسف رضا گيلاني، سڪندر حيات بوسن ۽ احمد حسين ڊيهڙ چونڊجي چڪا آهن. 8 فيبروري جي چونڊن ۾ انهي تڪ تان يوسف رضا گيلاني ڪاميابي حاصل ڪئي هئي پر يوسف رضا گيلاني جي سينيٽ چيئرمين بنجڻ کان پوءِ انهي تڪ ۾ ضمني چونڊون ٿي رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو