قلندرز خلاف فتح: آفريدي جي ڪنگز جي رانديگرن سان ملاقات

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)شاهد آفريدي پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي اٺين ايڊيشن ۾ پهرين ڪاميابي تي ڪراچي ڪنگز جي رانديگرن کي مبارڪباد ڏيڻ لاءِ ميدان تي پهتو ۽ گلا به هنيا.پاڪستان سپر ليگ جي آچر تي کيڏيل ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز پهرين ٽن ميچن ۾ مسلسل شڪست کانپوءِ چوٿين ميچ ۾ آخرڪار پهرين فتح حاصل ڪري ورتي.ڪراچي ڪنگز پاران ڏنل 186 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ لاهور قلندرز جي ٽيم 18 هين اوور ۾ 118 رنسن تي ڍير ٿي وئي، اهڙي طرح ڪراچي ڪنگز لاهور قلندرز کي آساني سان 67 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.پي ايس ايل 8 ۾ پهرين فتح کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي ڪراچي ڪنگز جي رانديگرن سان ڪراچي نيشنل بئنڪ ڪرڪيٽ ايرينا اسٽيڊيم ۾ ملاقات ڪئي.ان دوران هن رانديگرن کي ڀاڪر پائي کين ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد آفريدي چيو ته ڪراچي کي پي ايس ايل ۾ رهڻ گهرجي، اڄ ڪراچي ڪنگز سٺي ٽيم خلاف فتح حاصل ڪئي.هن چيو ته هاڻي ٽورنامينٽ ٿيڻ ڏيو، پوءِ سڀني جي ڪارڪردگي ڏسنداسين، ڪنهن به نوجوان کي هڪ ميچ تي نه لڳايو، اميدن جو پريشر ايندو، کين هاڻي کيڏڻ ڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو