دوحه (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس سبب پاڪستان سميت دنيا جي 14 ملڪن جي شهرين تي قطر داخلا تي عارضي پابندي هڻي ڇڏي آهي. ڊپلوميٽڪ ويزا کانسواءِ هر قسم جي ويزا ۽ اقامو رکندڙن تي به اها پابندي لاڳو هوندي. پاڪستان جي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته حڪومت قطر سان رابطي ۾ آهي ٿيندڙ اڳڀرائي کان عوام کي آگاهه ڪيو ويندو. ياد رهي ته ڪورونا وائرس دنيا جي 109 ملڪن تائين پکڙجي چڪو آهي هڪ لک 10 هزار کان مٿي ماڻهو وائرس ۾ مبتلا آهن. مرندڙن جو انگ 3831 کان مٿي ٿي ويو آهي.










