قصور: اغوا ۽ قتل جو ڪوڙو ڊرامو جوابدار گرفتار

قصور (ويب ڊيسڪ)قصور ۾ پوليس مبينا طور اغوا بعد قتل جو ڊرامو ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس موجب قصور جي علائقي قادر آباد ۾ جوابدار عاصم جمشيد ن ليگ اڳواڻ رمضان صديق ڀٽي کي وڏي رقم جو فراڊ ڪيو ۽ رقم هڙپ ڪرڻ لاءِ سندس اغوا ۽ قتل جو مبينه ڊرامو رچايو،پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار عاصم جمشيد 28 فيبروري کان مبينا طور تي گم آهي ۽ سندس والد جي فرياد تي سندس اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جنهن تي آءِ جي پنجاب کي درخواست ڏني وئي هئي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو.ڊي پي او قصور جي سربراهي ۾ گڏيل پوليس ٽيم ڪارروائي ڪندي جوابدار عاصم جمشيد کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار جوابدار ن ليگ اڳواڻ رمضان صديق ڀٽي سان وڏي فراڊ ۾ ملوث هو ۽ رمضان صديق ڀٽي کي اغوا ۽ قتل ۾ ملوث ڪرڻ چاهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو