راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي پوليس پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي اڊيالا جيل مان گرفتار ڪري ورتو.پنجاب پوليس ۽ آر اي بازار پوليس جي وڏي نفري اڊيالا جيل پهچي وئي.شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته مون کي ڪوڙو ڪيس ۾ گرفتار ڪيو پيو وڃي.هن چيو ته مان بيگناهه آهيان، سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي.










