قرض گهرڻ تي ڪارنهن جو الزام،پوليس حياتي بچائي ورتي

ڳڙهي ياسين(شفيق مهر) ڳوٺ جان محمد لاشاري ۾ ڪڙمي دوست علي لاشاري کان قرض گهرڻ تي زميندار عبدالحڪيم لاشاري مٿان ڪڙمي پنهنجي 11ورهين جي نياڻي سان ڪارنهن الزام مڙھي ڇڏيو. هن پنهنجي نياڻي کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي پر بروقت اطلاع ملڻ تي ڊي ايس پي ڳڙھي ياسين بشير احمد شر جي اڳواڻي ۾ ڇاپو هڻي نينگري هٿ ڪري کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. نينگري عدالت ۾ پيءُ مٿان قتل جو الزام مڙهيندي چاچي نوراحمد لاشاري سان وڃڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. عدالت سندس درخواست منطور ڪندي کيس چاچي نور احمد حوالي ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو