قرض جي رقم عيوض ناري اغوا يا پيار جو پرڻو ؟

ڪلوئي (غلام مصطفي نهڙيو) ڏيپلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڏيڍي مان قرض عيوض وياجي پندرهن سالن جي نينگري  کي اغوا ڪري ويا. ناري جي وارثن احتجاج ڪندي چيو ته ساڻن ظلم آهي ناري واپس ڪرائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي. مغوي ناري جي والد غلام رسول نهڙي ٻڌايو ته اسان ڏڪاري حالتن ۾ ڳوٺ ڳڀڻ واسي سانوڻ نهڙي کان اسي هزار ورتا هئا، رقم واپس نه ڪرڻ سبب هو اسان کي تنگ ڪري رهيو هو ۽ علائقي جي چڱي مڙس وٽ فيصلو رکيو ويو جنهن هڪ مهيني جو ٽائيم ڏيندي چيو ته اگر هڪ مهيني ۾ رقم ادا نه ڪئي ته توکي سڱ چٽي ڏيڻو پوندو جنهن بعد اڃا مهينو مڪمل ئي نه ٿيو ته با اثر شخص جنهن کي تر جي وڏيرن جي حمايت حاصل آهي ڏينهن ڏٺي جو ٻني ۾ ڪم ڪندڙ پندرهن سالن جي شبيران نهڙي کي پنهنجي هٿيار بند ساٿين جي مدد سان زبردستي اغوا ڪرائي کڻي ويو. اسانکي خبر پئي ته کيس پنگريو ۾ رکيو ويو آهي، اسين پنگريو ٿاڻي تي شڪايت ڪئي ته ايس ايڇ او ڇاپو هڻي ناري بازياب ڪرائڻ بعد ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ بجاءِ بااثرن جي فون تي ايس ايڇ او ڏيپلو حوالي ڪئي. اسان پنگريو ٿاڻي تي ناري سان ملڻ جي ڪوشش ڪئي پر ملڻ نه ڏنو ويو. اسين ڏيپلو ٿاڻي تي ناري سان ملڻ جي ڪوشش ڪئي پر ملاقات ڪرڻ نه ڏني وئي. هن چيو ته  ايس ايڇ او ڏيپلو  با اثرن جي ونگار وهندي رات جي ليڊي پوليس اهلڪارن کان ناري کي مار ڪٽ ڪرائڻ بعد مرضي موجب بيان ڏياريو ۽ ٻڌايو ويو ته توهان جي ڌيءَ ڪورٽ ۾  پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته اسين انساني حقن وارن  ادارن کي اپيل ٿا ڪريون ته هن  معاملي جو نوٽيس وٺي اسان کي انصاف ڏيارين. ايس ايڇ او پنگريو عاشق علي لنڊ سڄي معاملي کان اڻ ڄاڻائي ظاهر ڪندي چيو ته کيس ان ناري بابت ڪابه ڄاڻ نه آهي، جڏهن ته ايس ايڇ او ڏيپلو حسين بخش راڄڙ جو چوڻ آهي ته اسان کي سڪيورٽي خدشا هئا جنهن سبب ملاقات نه ڪرائي باقي ڪورٽ ۾ سندس وارثن سان ملاقات ٿيندي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو