قرضن تي وياج معيشت تي وڏو بار قرار، خرچ گهٽ ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد (م ڊ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) نئين بيل آئوٽ پيڪيج تي جاري ڳالهين دوران قرضن تي پاڪستان جي ڳري سود جي ادائيگي کي معيشت تي وڏو بار قرار ڏئي ڇڏيو آهي.ذريعن موجب آءِ ايم ايف کي ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان جي قرضن تي وياج جي ادائيگي وفاق جي خالص آمدني کان وڌي وئي آهي، اها سود جي ادائيگي وفاقي حڪومت جي خالص آمدني کان 205 ارب رپيا وڌيڪ هئي.ذريعن موجب آءِ ايم ايف کي ٻڌايو ويو آهي ته رڳو پهرين 9 مهينن ۾ اندروني ۽ بيروني قرضن تي 5 هزار 518 ارب رپيا وياج ادا ڪيو ويو، جولاءِ کان مارچ تائين وفاقي حڪومت جي خالص آمدني 5 هزار 313 ارب رپيا رڪارڊ ڪئي وئي.ان موقعي تي آءِ ايم ايف پاڪستان کان خرچن ۾ گهٽتائي جو مطالبو ڪندي چيو ته ايندڙ مالي سال ۾ قرضن تي سود 9 هزار 787 ارب رپين تائين پهچڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب ڳالهين ۾ ٻڌايو ويو ته هلندڙ مالي سال ۾ قرضن تي وياج جي ادائيگي 8 هزار 371 ارب رپيا ٿي سگهي ٿي.ذريعن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف کي ٻڌايو ويو ته هن سال جي بجيٽ ۾ قرضن تي سود ادا ڪرڻ جو هدف 7 هزار 303 ارب رپيا هو.ذريعن موجب آءِ ايم ايف انتهائي اعليٰ پرڏيهي مالياتي ضرورتن کي اعليٰ شرح سود جي قرضن جي استحڪام لاءِ خطرو قرار ڏنو، جڏهن ته آءِ ايم ايف پاڪستان جي قرضن ۾ گهٽتائي جو سبب پاليسين جي ڪامياب تسلسل تي منحصر قرار ڏنو.ذريعن موجب ڳالهين ۾ ان ڳالهه جو به ذڪر ڪيو ويو ته ايندڙ مالي سال ۾ قرضن جو تناسب 1.72 سيڪڙو گهٽائي 70 سيڪڙو ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو