مظفر ڳڙهه(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي ضلعي مظفر ڳڙهه جي ٿاڻي سيت پور جي حد ۾ قرآن پڙهڻ لاءِ ويل ٻار سان مسجد جي ٻانگي يعني موذن بد فعلي ڪئي. نينگر جي والد جي فرياد تي پوليس ڪيس داخل ڪري ملزم کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ڊان اخبار جي رپورٽ موجب ٿاڻي جي ايس ايڇ او ملڪ شريف ملاڻو ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ملزم جي گرفتاري جي تصديق ڪئي آهي. فرياد ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فريادي جو پٽ صبح ساڍي ڇهين وڳي مسجد ۾ قرآن پڙهڻ ويو ته ملزم کيس مسجد لڳ مزار ۾ وٺي وڃي بد فعلي جو نشانو بڻايو. ملزم نينگر کي 10 روپيا ڏيندي چيو ته ڪنهن سان ڳالهه نه ڪجان. نينگر روئندي گهر پهتو ۽ پڇڻ تي سڄو قصو ٻڌايو جنهن بعد سندس والد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو. ياد رهي ته ڪوٽ ادو جي علائقي محمود ڪوٽ ۾ هڪ ملزم 5 سالن جي ٻارڙي سان ريپ ڪيو هو جنهن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو هو. 3 ڊسمبر تي مظفر ڳڙهه جي علائقي ۾ ئي 6 سالن جي نينگر سان بدفعلي جو واقعو به رپورٽ ٿيو هو. هلندڙ سال آگسٽ ۾ نابينا ڇوڪري کي پاڙيسري زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو ڪيس به رپورٽ ٿيو هو.
سوشل ميڊيا جي استعمال تي وڌيڪ 12 پوليس اهلڪار معطل
اختر مينگل پنهنجي سياست کي بچائڻ لاءِ استعيفيٰ ڏني
پي ٽي آءِ جلسو دوران سمورو سامان ڪي پي مان کڻي وڃڻ جو فيصلو
نيب ترميم فيصلي کان پوءِ 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ رعايت گهر
عمر ايوب استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، سلمان اڪرم جنرل سيڪريٽري مقرر
سمنڊ ۾ تيل ۽ گئس جا وڏا ذخيرا دريافت ٿيڻ جو اندازو
پرويز سان ملاقات کان پوءِ شجاعت اسلام آباد ۾ اهم ملاقاتن جاري
باني پي ٽي آءِ جو نائب ڪپتان آهيان، ڀڄڻ جو سوچي به نٿو سگهان
ايف سي هيڊ ڪوارٽرز تي حملو ناڪام، 4 آپگهاتي بمبار مارجي ويا
آمنه بلوچ پرڏيهي سيڪريٽري مقرر، نوٽيفڪيشن جاري
پنجاب ۾ سي ٽي ڊي جون 475 ڪارروايون، 33 دهشتگرد گرفتار
جسٽس ستار خلاف توهين عدالت ڪيس جي ڪاز لسٽ منسوخ
پي آءِ اي جلد يورپ ۾ بحال ٿيندي: اسحاق ڊار
اسرائيلي حملن ۾ هينئر تائين 40 هزار 878 فلسطيني شهيد
اداڪار نه هجان ها ته برياني جو دڪان هلايا ها: فهد مصطفيٰ
انگلينڊ جو فاسٽ بالر مارڪ ووڊ پاڪستان خلاف سيريز مان ٻاهر
پاڪستان جي تاريخ.2قومي نظريو ۽ پاڪستاني قيادت جو ڪردار
سنڌيار سکر 07 سيپٽمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 07 سيپٽمبر 2024ع
قوم سياسي اختلا فن کي نفرت ۾ تبديل ٿيڻ نه ڏئي، آرمي چيف