قتل ڪيس عدالت پاران ٽن جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

نوشهروفيروز (ڊ ر) ايڊيشنل سيشن اينڊ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج عبدالوحيد شيخ جي عدالت، قتل ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي عمر قيد ۽ اڍائي اڍائي لک رپيا ڏنڊ  جي سزا ٻڌائي ڇڏي. واضح رهي ته فريادي عابد علي ملاح نوشهروفيروز ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته 2013-3-26 تي جوابدار شاهنواز عرف شانو ملاح، وحيد سولنگي، وقاص ميمڻ اسان جي گهر ٻاهران سڏ ڪري منهنجي ڀاءُ امجد علي ملاح کي پاڻ سان گڏ وٺي ويا جيڪو سڄو ڏينهن ۽ رات گهر واپس نه آيو ٻئي ڏينهن تي صبح جو گورنمينٽ هاءِ اسڪول نوشهروفيروز جي گرائونڊ تان منهنجي ڀاءُ جو ڪنڌ پويان ڪهاڙين جا وار ٿيل لاش مليو. فريادي وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته اسان جو مامو خالد حسين ملاح واقعي بعد اسان کي ٻڌايو ته واقعي واري رات جڏهن مان هاءِ اسڪول گرائونڊ تان اچي رهيو هيس ته رڙين جو آواز ٻڌو ۽ جڏهن مون ٽارچ ٻاري ڏٺو ته جوابدار وقاص ميمڻ، وحيد سولنگي مقتول امجد علي کي ٻانهن کان جهلي بيٺا هيا ۽ شاهنواز ملاح ڪهاڙيءَ سان ڪنڌ جي پويان وار ڪري رهيو هيو. اڄ عدالت فريادي  ڌر جي وڪيل صدرالدين ٻرڙو ۽ جوابدار ڌر جي وڪيلن فيض محمد لغاري ۽ عبدالڪريم لهراڻي جا دليل ٻڌڻ بعد قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ٽنهي جوابدارن کي عمر قيد ۽ اڍائي اڍائي لک رپين جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

کیٹاگری میں : سنڌ

قتل ڪيس عدالت پاران ٽن جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا” هڪ تبصرو

  1. سنڌيار اخبار سان گڏ تمام بهترين ويب پيج به آهي جنهن تي معاشري ۾ ٿيندڙ ناانصافين کي ڀرپور ڪوريج ڏني پئي وڃي۔ اميد آهي ته سنڌيار اخبار سنڌ جي مظلوم طبقي جي آواز اٿارڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي

پهنجو تبصرو موڪليو