قبرستان تي قبضو، انتظاميا ڪاروائي ڪري: ڳوٺاڻا

نوشهروفيروز (رپورٽ: مشتاق حسين مري) يوسي ڪور حسن جي انتظاميه جي بي ڌياني سبب ڳوٺ وڏا ڏنگراچ ۾ فقير مانڌن پير جي قديمي قبرستان جي ايراضي تي مقامي ماڻهن قبرن جي بي حرمتي ڪري پنهنجا گهر۽ دڪان ٺهرائي ڇڏيا آهن. جنهن ڪري قبرستان جي 6 ايڪڙ ايراضي مان صرف ڏيڍ ايڪڙ ايراضي باقي بچي آهي. ڳوٺاڻن محمد يوسف منگي، شاهنواز منگي، عبدالرزاق منگي، خادم شاهه ۽ ٻين احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته اسان جو قديمي قبرستان تي ڳوٺ جي بااثرن قبضو ڪري پنهنجا گهر ۽ دڪان ٺهرائي ڇڏيا آهن.هنن چيو ته قبرستان جي بي حرمتي جاري آهي ۽ گهرن جو گندو پاڻي پڻ قبرستان ۾ ڇڏيو پيو وڃي، جنهن جي ڪري قبرن جي مسمار ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي. هنن چيو ته اسان ڳوٺاڻن کي بار بار منع ڪيو آهي پر اهي نه ئي قبضو هٽائين پيا نه ئي وري گٽرن جو گندو پاڻي ٻئي پاسي ڇوڙ ڪرڻ لاءِ تيار آهن. هنن ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته قديمي قبرستان جي ايراضي تي قبضو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري قبرن کي مسمار ٿيڻ کان بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو