عزت کي ڇيهو رسائڻ واري قانون تي گورنر صحيح ڪري ڇڏي

عزت کي ڇيهو رسائڻ واري قانون تي گورنر صحيح ڪري ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب اسيمبلي مان پاس ڪيل عزت کي ڇيهو رسائڻ واري بل تي پنجاب جي وقتي گورنر جي صحيح کانپوءِ قانون بڻجي ويو.گورنر هائوس پنجاب جي ذريعن موجب وقتي گورنر ملڪ محمد احمد خان بل تي صحيح ڪري ڇڏي جنهن کانپوءِ پنجاب اسيمبلي مان پاس ڪيل بل قانون بڻجي ويو آهي.وقتي گورنر طرفان بل تي صحيح ڪرڻ کانپوءِ لاهور پريس ڪلب جي صدر ارشد انصاري رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته گورنر کي رٿابندي تحت موڪل تي موڪليو ويو ۽ وقتي گورنر جي دستخط تي پيپلز پارٽي صحافين سان به ٺڳي ڪئي.ارشد انصاري وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي بظاهر صحافين سان گڏ هئي ۽ اندر کان حڪومت سان ڳنڍيل هئي. جلد ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس بلاڪ ڪري ايندڙ ايڪشن پلان جو اعلان ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو