قائم علي شاهه کان نيب جو پڇاڻو، جواب لاءِ مهلت طلب

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير قائم علي شاهه جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ نيب راولپنڊي هيڊ ڪوارٽر ۾ اربع تي پيش ٿيو. قائم علي شاهه نيب راولپنڊي هيڊڪوارٽر پهتوته پيپلزپارٽي جي جيالن جو وڏو انگ موجود هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب عملدارن قائم علي شاهه کان دادو، نيو ٺٺو ۽ بدين شگر ملز اومني گروپ کي ڀڳڙن مٺ تي وڪروڪرڻ بابت پڇاڻو ڪيو. قائم علي شاهه چيو ته ڪجهه ڳالهيون ياد ناهن، رڪارڊ موجود آهي، مهلت ڏيو ته رڪارڊ ڏسي ۽ ساٿي وڪيلن جي مشاورت بعد جواب ڏيندس ۽ جاچ ۾ نيب سان مڪمل سهڪار ڪندس. ذريعن موجب نيب عملدارن قائم علي شاهه کي سوالنامو ڏئي 10 ڏينهن ۾ لکت ۾ جواب داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. واضح رهي ته نيب ۾ پيش ٿيڻ کان اڳ گرفتاري جي ڊپ کان سائين قائم علي شاهه اسلام آباد لاءِهاءِ ڪورٽ مان ضمانت ڪرائي هئي. قائم علي شاهه تي الزام آهي ته هن دادو، بدين ۽ ٺٺو شگر ملز خلاف قانون اومني گروپ کي وڪرو ڪيون ۽ انهن ملز جي ذمي ڪروڙين روپيا قرض خريدار کان نه وٺي قومي خزاني کي نقصان پهچايو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو