قائمخاني ۽ ملڪ برادرين جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو 5 زخمي

قائمخاني ۽ ملڪ برادرين جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو 5 زخمي

سانگهڙ (نادر بڙدي) سانگهڙ شھر جي ڪياني روڊ وٽ ملڪ ۽ قائمخاني برادري جي ٻنهي ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا پنج ڄڻا زخمي پيا آھن جن کي سانگهڙ پوليس جهيڙي واري هنڌ پهچي زخمين کي سول اسپتال سانگهڙ پهچايو. جهيڙي ۾ ٿيل قائمخاني برادري جي ٽن سڳن ڀائرن سمت پنج ڄڻا زخمي ٿيا پيا آھن جهڙي ۾ زخمين ۾ دانش مصطفي محسن قائمخاني،  پرويز ملڪ ۽ شفقت ملڪ شامل آهن. پوليس ٻنهي برادري جي ٻن ماڻھن کي گرفتار ڪري ورتو آھي. رابطو ڪرڻ تي  ايس ايڇ او احسان بليدي ٻڌايو ته ٻئي ڌريون پلاٽنگ جي اسڪيمن جو ڪم ڪندا آهن واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو