فيض حميد ڪميشن ۾ پيش،حڪومت خلاف سازش جا الزام رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد فيض آباد ڌرڻي ڪميشن ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.ذريعن موجب اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد ڪميشن طرفان پڇيل سوالن جا جواب ڏنا،ذريعن موجب فيض حميد جواب ۾ چيو ته 2017 ۾ ٿيل ڌرڻي ۾ هن وقت جي حڪومت جي هدايت تي تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان ڳالهيون ڪيون هيون،ذريعن موجب فيض حميد پنهنجي جواب ۾ ٻڌايو ته 2017ع ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ گهرو وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ انٽيليجنس سربراهه نويد مختار ۽ فوجي قيادت به شرڪت ڪئي.انهن سمورن ماڻهن جي گڏيل هدايتن تي ٽي ايل پي سان ڳالهيون ڪيون ويون.ذريعن جو چوڻ آهي ته فيض حميد حڪومت خلاف سازش جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو