فيض آباد ۾ ڌرڻو، پي ٽي آءِ جي 17 ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل

فيض آباد ۾ ڌرڻو، پي ٽي آءِ جي 17 ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)فيض آباد ۾ گذريل رات ڏفيڙ ڪرڻ تي پي ٽي آءِ جي 17 ڪارڪنن خلاف دهشتگردي جي الزامن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.صادق آباد ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 250 اڻڄاتل ڪارڪنن کي به نامزد ڪيو ويو آهي.ايف آءِ آر موجب راولپنڊي جي فيض آباد ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي پٿراءُ سبب 4 پوليس اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا.داخل ڪيس موجب فيض آباد ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن پوليس اهلڪارن ۽ پوليس موبائل وين تي حملو ڪيو.ايف آءِ آر ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ ڪارڪن لٺيون کڻي فيض آباد طرف وڃي رهيا هئا ۽ رياست مخالف نعرا هڻي رهيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو