فيروز خان جي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ منفرد اپيل

فيروز خان جي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ منفرد اپيل

اسلام آباد(بيورو)پاڪستاني ڊراما ۽ فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪار فيروز خان پنهنجي مسڪرائيندڙ تصوير سان ٻوڏ متاثرن جي مدد جي اپيل ڪئي آهي. فيروز خان فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي مسڪرائيندي تصوير شيئر ڪئي.هن تصوير جي ڪيپشن ۾ هن لکيو ته کلڻ واري تصوير شيئر ڪرڻ جو مطلب اهو ناهي ته مان خوش آهيان.هن لکيو ته مسڪرائيندڙ تصوير ان ڪري شيئر ڪري رهيو آهيان ڇاڪاڻ ته اها جلدي پنهنجي طرف ڌيان ڇڪائي ٿي، اصل ۾ مان توهان جو ڌيان هڪ اهم مسئلي طرف دلائڻ چاهيان ٿو جيڪو هن وقت تمام ضروري آهي.هن پنهنجي مداحن کي اپيل ڪئي ته هو ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪري عطيو ڪن، چاهي اهو کاڌو هجي يا خاندان لاءِ خيمو.

پهنجو تبصرو موڪليو