فوڊ اٿارٽي 400 ڪلو خراب پيل کٽاڻ ضايع ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين جي هدايت تي ڊپٽي ڊائريڪٽر آپريشنز ضلعي شڪارپور سعيد احمد ميمڻ جي اڳواڻي ۾ سنڌ فوڊ اٿارٽي شڪارپور جي ٽيم اسٽار گنج روڊ شڪارپور تي هڪ ڪارروائي دوران 400 ڪلوگرام ڦٽ ڦٽ خراب پيل کٽو ضبط ڪري ورتا. سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم ڦٽيل کٽو وڪرو ڪندڙن تي هڪ لک رپيا ڏنڊ به لڳايو. ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر سمورن کاڌن جي ڪاروبار سان لاڳاپيل ماڻهن کي خبردار ڪيو آهي ته هو پنهنجي ڪاروبار ۾ غير صحتياب طريقا استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪن ۽ انهن کي چيو آهي ته هو پنهنجي خوراڪ جي ڪاروبار کي هلائڻ لاءِ سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ضابطن تي عمل ڪن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو