ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم ڪيماڙي ۾ ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين جي نگراني ۾ ڪارروائي ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر ضلعي ڪيماڙي بشير خان پڻ موجود هئا. سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم سان گڏ پوليس موبائل ۽ فوڊ ٽيسٽنگ ليب پڻ گڏ هئي. سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم صفائي سٿرائي جي خراب صورتحال تي راشد سي فوڊ تي ٻه لک روپين جو ڏنڊ لاڳو ڪيو. ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين سموري ڪارروائي جي نگراني پاڻ ڪئي. ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڊائريڪٽر جنرل فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين چيو ته کائڻ پيئڻ جي شين جي ڪاروبار سان لاڳاپيل ماڻهو صفائِي سٿرائي ۽ صحت جي حفاظتي اصولن جي پابندي ڪن. سنڌ فوڊ اٿارٽي صفائي سٿرائي ۽ حفاظتي صحت جي اصولن جي خلاف ورزي ڪرڻ وارن جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪري رهي آهي.
