دبئي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پاڪ فوج پروپئگنڊا ۽ ڪوڙن بيانن باوجود غير سياسي رهڻ جي فيصلي تي قائم رهندي.خليج اخبار کي ڏنل انٽرويو ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته پاڪ فوج هميشه اندروني ڇڪتاڻ تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستاني فوج فوجي سفارتڪاري ذريعي عالمي سياست ۾ توازن برقرار رکيو آهي.آرمي چيف چيو ته فوج جي غير سياسي نوعيت تي ڪجهه ماڻهو تنقيد ڪري رهيا آهن، فوج جي غير سياسي نوعيت سان جمهوري قدرن کي هٿي ملندي.جنرل قمر جاويد جاويد باجوا چيو ته فوج پروپئگنڊا ۽ ڪوڙن بيانن باوجود غير سياسي رهڻ جي پنهنجي فيصلي تي قائم رهندي، فوج کي غير سياسي ڪرڻ سان پاڪستان ۾ سياسي استحڪام ايندو.آرمي چيف وڌيڪ چيو ته فوج جي غير سياسي نوعيت سان عوام سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.
