اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد ۾ فوج طلب ڪئي وئي آهي، گهرو وزارت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.گهرو وزارت جي نوٽيفڪيشن موجب شرپسندن کي ڏسندي ئي گوليون هڻڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. سڪيورٽي ذريعن موجب آرٽيڪل 245 تحت پاڪ فوج کي به طلب ڪيو ويو آهي ۽ واضح ڪيو ويو آهي ته قانون ٽوڙڻ وارن سان لوهي هٿن سان ڪارروائي ڪئي ويندي جڏهن ته ڀڃڪڙي ڪندڙن کي موقعي تي گوليون هڻڻ جا واضح حڪم پڻ ڏنا ويا آهن.










