فوج اضافي بجٽ نه وٺندي،اهو قوم تي احسان ناهي،باجوا

راولپنڊي (م ڊ) پاڪستان فوج ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ پاڻمرادو ڪٽوتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته فوج جون پگهارون نه وڌائڻ واري فيصلو جوانن تي نه پر رڳو آفيسرن تي لاڳو ڪيو ويندو. فوجي ترجمان ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته بجٽ گهٽ تيڻ سان ڪنهن به قسم جي خطري کي منهن ڏيڻ يا فوجي جوانن جي معيار زندگي تي ڪو اثر نه پوندو ۽ اهڙن شعبن جا خرچ گهٽ ڪبا جنهن سان دفاعي صلاحيتن تي ڪو فرق نه پوي. وزيراعظم عمران خان رضاڪارانه ڪٽوتي جو خير مقدم ڪندي چيو ته سيڪورٽي چيلينجز هوندي خرچ گهٽ ڪرڻ سٺو عمل آهي. هن موجب اهي فنڊ بلوچستان ۽ فاٽا جي ترقياتي منصوبن تي خرچ ٿيندا. فوجي ترجمان توڙي وزيراعظم اهو ناهي ٻڌايو ته فوج جي بجيٽ ۾ ڪيتري ڪٽوتي ٿيندي. هوڏانهن آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته دفاعي بجيٽ ۾ ساليانو اضافو نه وٺڻ وارو فيصلو قوم تي احسان ناهي، قوم ۽ فوج گڏ آهن. اهڙو اظهار هن ڪنٽرول لائن تي جوانن سان عيد ملهائڻ دوران ڪيو. ياد رهي ته اسٽاڪ هوم پيس اينڊ ريسرچ انسٽيٽيوٽ موجب 2018 ۾ پاڪستان جي دفاعي بجٽ تقريبن ساڍا يارنهن ارب ڊالر هئي. جيڪا جي ڊي پي جي شرح جي اعتبار کان خطي جي سڀني ملڪن کان وڌيڪ هئي. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ دفاعي بجٽ امريڪا جي آهي جيڪا 650 ارب ڊالر هئي، چين جي 250 ارب ڊالر، سعودي عرب 67.6 ارب دالر، ڀارت 66 ارب ڊالر ۽ فرانس جي 63.8 ارب ڊالر هئي ۽ پاڪستان کانسواءِ انهن پنجن ملڪن جي دفاعي بجٽ دنيا جي سمورن ملڪن جي دفاعي بجٽ جي 60 سيڪڙو برابر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو