فوجي گاڏي ڪلٽي 8 اهلڪار زخمي

گھوٽڪي(سليم فضل ڪلهوڙو)  سرحد ٿاڻي جي حد ۾ پاڪ فوج جي گاڏي نامعلوم سبب ڪري ڪلٽي ٿي پئي. نتيجي ۾ علي، قربان، عاصم، مراد علي، مير حسن، لعل خان، قربان علي ۽ بابر زخمي ٿي پيا. زخمين کي تعلقا اسپتال گھوٽڪي منتقل ڪيو ويو جتان کين  فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد پنو عاقل سي ايم ايڇ منتقل ڪيو ويو. فوجي اهلڪارن ڪنهن کي به تصوير ٺاهڻ نه ڏني. اسپتال ۾ به ميڊيا کي زخمين جا فوٽو ڪڍڻ کان روڪيو ويو. ڊاڪٽرن کي به ڪجهه ٻڌائڻ کان اهلڪارن سختي سان منع ڪئي. گاڏي جو منهن گهوٽڪي طرف هو ۽ قومي شاهراهه تي قادر پور لاڙي وٽ ٻنهي روڊن جي وچ ۾ ڪلٽي ٿي پيل هئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو